اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ??ائ??گر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان ??فص??لي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??ائ??گر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آ??ي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ائ??گر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ??ائ??گر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ??ائ??گر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.