اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي ??وث?? طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عو??م جو تعاون حڪومتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو ??هم??ت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ??نيل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ ??نيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.