اسلام آباد – 12 ف??بروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ق??مي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پارليامينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪ?? نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارليامينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز ۾ ق??مي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ ق??مي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.