اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي ص??ر حسن روحاني جي وچ ۾ آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ملاقات ٿي. هتي ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ايراني هم منصب سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته پ??ڪستان ايران کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 900 ڪلوميٽر کان وڌيڪ گڏيل سرحد آهي، هن چيو ته پ??ڪستان ۽ ايران ۾ عوامي س??ح تي رابطن سان ٻه طرفي دوستي بابت سگهه ملي آهي.