اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اف??انستان جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ميمبر آفريقي ملڪ ان ڪا??فرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي تنظيمن جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا اف??انستان جي صورتحال هوندي، آئون اڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اف??انستان جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته اف??انستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. اف??انستان جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو. دنيا کي اف??انستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون عالمي ??ئنڪ، آءِ ايم ايف، اسان جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اف??انستان تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ اف??انين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. اف??انستان ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ??دارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو اف??ان غربت جي سطح کان هيٺ هوندا، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو اف??انين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پنهنجي ذميداري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪستان اڪيلو اها ذميداري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته وڏو بحران ايندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي اف??ان صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، من??سب هوندو اف??ان اٿارٽي جو موقف به سامهون رکيو وڃي، پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته دنيا کي اف??انستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ اف??انستان کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. اف??انستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي اثر پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک اف??ان پ??اه??يرن جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ اف??ان پ??اه??يرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري اف??انستان جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامهون رکي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اف??انستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان جي ان نتيجي ۾ اف??ان پ??اه??يرن جي هڪ يلغار سامهون اچي سگهي ٿي، اف??انستان ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪوششون ضايع ٿي وينديون، ضروري شيون اف??انستان جو رخ ڪنديون ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.