اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جهلم ج?? بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم ??هيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم ??هيد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ انساني حوصل?? جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم ??هيد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر محمد اڪرم ??هيد 1971ع جي جنگ دوران اوڀر پاڪستان جي علائقي حلي جي محاذ تي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشم?? جو عزم ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. هن چيو ته پوري قوم جهلم ج?? بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم ??هيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.