اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقي خاص طور تي گوادر لاءِ بجلي جي فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن جي جلد کان جلد ??ڪميل بابت معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبي کي سردي جي موسم ۾ گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ ڪوئيٽا ڪراچي شاهراهه جي تعمير بابت معاملا به بحث هيـٺ آيا.