اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??خالف ڌر فوج ۽ عدليه جي خلاف مهم هلائڻ بند ڪري، جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ سامهون اچي وڃي ٿي يا وڊيو، نه ٿيون اچن ته رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم کي انتظار آهي، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا، ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي هر ٻار کي خبر آهي، پا??ستان جي آئين ۾ ٻنهي ادارن کي تحفظ حاصل آهي، اي وي ايم ۽ اوورسيز پا??ستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان قانون بڻجي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي ذريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي چڪو آهي، پا??ستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ يا وڊيو ته سامهون اچي وڃي ٿي پر رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??اناما اسڪينڊل ۾ دنيا جي بدترين حڪمرانن جا نالا آيا، نواز شيف جو نالو به انهن ۾ شامل هو. شريف خاندان لنڊن اپارٽمينٽس جي حوالي سان غلط بياني سان ڪم ورتو، لنڊن ۾ انهن جا چار اپارٽمينٽس موجود آهن جتي شايد برطانيا جو وزيراعظم به اپارٽمينٽس نه خريد ڪري سگهي، مريم نواز ان وقت چيو هو ته ??نهنجي لنڊن ته ڇا پا??ستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن ڪيلبري فونٽ جا جعلي دستاويز پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن فليٽن جي جاچ ۾ اهي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، عوام، ميڊيا، ٽرائل ڪورٽ ۾ هڪ صحيح ٿبوت به پيش نه ڪري سگهيا، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا پر انهن وٽ ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، انهي دوران عمران خان 40 سال پراڻيون رسيدون عدالت ۾ پيش ڪيون. هن يچو ته ??يب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي ملڪيت ثابت نه ڪري سگهي ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??واز ش ريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي ٻار کي خبر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پا??ستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان قانون موجود آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي شفاف چونڊن جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??زيراعظم گهرو وزير کي پاسپورٽ ??اهڻ بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن اوورسيز پا??ستانين کي ووٽنگ جي حوالي سان مسئلا پيش نه اچن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي ويو آهي، پا??ستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي، سٺيون خبرون به اچي رهيون آهن، پارليامينٽ اي وي ايم ۽ اوورسيز پا??ستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان بل منظور ڪري ورتا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??خالف ڌر عدليه ۽ فوج جي خلاف مهم بند ڪري، اسان جي آئين ۾ انهن ٻنهي ادارن کي تحفظ ۽ احترام حاصل آهي، مخالف ڌر پنهنجي سوشل ميڊيا ۽ ڪڏهن پنهنجي ليڊرن جي ذريعي ٻنهي ادارن کي نشاني تي رکيو آهي جيڪو غيرمناسب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۾ مريم نواز جي پروگرام جي فنڊنگ بابت اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکيو آهي، جهڙي طريقي سان ان پروگرام جي فنڊنگ ٿي ان تي ٺوس جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي به پنهنجي رپورٽ ??اهي??دي?? قانون موجب ان تي ڪارروائي ٿيندي.