اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي سان ن??زه باز ارشد نديم ۽ ويٽ ل??ٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??اڪ??ر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس ن??زه باز ارشد نديم ۽ ويٽ ل??ٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ??اڪ??ر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ??اڪ??ر عارف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.