اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر ??ڳو??ڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمورين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي ??دوجهد شفاف نظام لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل ??ان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظام جو استحڪام آئين جي ??حترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي اتفاق راء?? سياسي نظام کي استحڪام ڏيندو.