اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيسز ۾ نواز شريف جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي عوام جي فتح ٿي آهي، ان ڪيس ۾ نواز شريف جا ٻئي پٽ مفرور آهن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مهينا هل??و جنهن ۾ نواز شريف، مري?? نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي سزائون ٿيون، اهي فليٽس حديبيه پيپرز ملز جي نالي تي مني لانڊرنگ سان خريد ڪيا ويا، شريف فيملي کي قوم جو لُٽيل پئسو واپس ڪرڻ گهرجي. ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ڪيس جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انهن ٻنهي ڪيسن ۾ نواز شريف جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مهينن تائين هل??و جنهن ۾ نواز شريف کي 10 سال، مري?? نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز ان ڪيس ۾ مفرور آهن. هن چيو ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ جو ڪيس انهن چار اپارٽمينٽس جي باري ۾ آهي جيڪي لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ موجود آهن جنهن ۾ نواز شريف هاڻي به رهي ٿو، هن چيو ته انهن اپارٽمينٽس جو ڪيس 2016ع ۾ ان وقت سامهون آ??و جڏهن مري?? نواز جو چوڻ هو ته سندس لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف برطرف ٿيو، اهي ڪيس احتساب ۾ 9 مهينا هليا، ان ۾ احتساب عدالت سمورن ثبوتن کي نظر ۾ رکندي چيو ته نواز شريف پنهنجي جائيداد جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو، اها پراپرٽي نواز شريف جي ملڪيت آهي، مري?? نواز جيڪو حلف نامو جمع ڪرايو هو اهو به جعلي هو?? هن چيو ته اڄ جو فيصلو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام ۽ تحريڪ انصاف جي فتح آهي.