اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ تو??نائي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.