اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصو??ي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصو??ي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصو??ي صلاحڪار وزيراعظم کي ??ڌا??و ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصو??ي صلاحڪار ??ڌا??و ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقيڪار سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.