اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته بين الافغان مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانس??ان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پاڪس??ان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن د??حه ۾ بين الافغان مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪس??ان طرفان افغانس??ان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق د??حه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آهي ته افغان مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڄ سڄي دنيا پاڪس??ان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.