اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي شع??ي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شع??ي ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان ??ي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو ??فص??لي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران ??عميرات جي شع??ي ۾ حڪومت پاران ??اريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پاران ??عميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اين او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان ??ڻائڻ سان ??عميراتي شع??ي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزا??ي ٿي آهي.