لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا ۽ ميمب?? ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به مسئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي، ٿل ڪينال منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جيڪو جلد شروع ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي مختلف ضلع?? سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر?? سان لاهور ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپي?? تڪن ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن، عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ۽ فلاحي ۽ ترقياتي معاملن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ميمب?? ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به مسئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي.