اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪور?? جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان ر?? ڪري ڇڏيو. سپريم ڪور?? جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سياري ج?? موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي ج??هن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪور?? جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي ج?? پاڪستان ج??ڊي??ل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان ج??ڊي??ل ڪميشن بدانتظامي ج?? بنياد تي سپريم ڪور?? جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي ج?? وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان ر??بطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان ج??ڊي??ل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.