رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو 2 ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري وطن روا??و ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم دنيا کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ جي لاءِ 6 نقاطي ايجنڊا تجويز ڪئي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ماحولياتي تبديلي جي خطرن جي ڪري مشڪلاتن ۽ چئلينجز تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جي رياض ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ سعوديه لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ انهن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??نهي اڳواڻن پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن ??ي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. ??زيراعظم جي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارت?? ۾ ??رقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعب?? ۾ ??زنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.