اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد ش??باز شريف پي اي ايف نور خ??ن ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد ش??باز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر ??زيراعظم محمد ش??باز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر ??وڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد ش??باز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم و??ير?? سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.