اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان کنيل قدم اهميت رکندڙ آهن ۽ ان سان ماليا??ي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ راهه هموار ٿيندي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سان وروچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ترجيحي شعبن لاءِ مالي معاونت جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود، ناڻي واري وزير کي ايسوسيئيشن طرفان جامع ۽ پائيدار ماليا??ي نظام جي قيام لاءِ مختلف منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ??جو??ز ڏني ته اليڪٽرانڪ ويئر هائوس، ريسيپٽ ??نا??سنگ، ايس ايم اِي انڊيڪس، ڪارپوريٽ فارمنگ ??نا??سنگ، فن ٽيڪ ڪمپنين لاءِ وينچر ڪيپيٽل فنڊ، زرعي ڪوآپريٽوز جي بحالي ۽ مالياتي ڊيٽا ايڪسچينج جي قيام جهڙا منصوبا ماليا??ي نظام ۾ ڊگهي مُدي واري تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا. هن پنکن جي ??نا??سنگ، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي ??نا??سنگ، ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن ۽ ايس ايم ايز ??نا??سنگ لاءِ مارڪ اپ سبسڊي ۽ فرسٽ لاس ڪوريج جهڙن قدمن جي به ??جو??ز ڏني جيڪي فوري طور اثر وِجهي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي واري وزير کي پي بي اي جي ??جو??ز ڪيل مختلف منصوبن تي اڳڀرائيءَ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي بي اي طرفان پيش ڪيل ڪجهه ??جو??زون بلڪل واضح آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان جي عملدرآمد لاءِ ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ ??جو??ز ڏني ته اهڙيءَ طرح جي ??جو??زن تي عملدرآمد لاءِ ??اڳ??پيل حصيدارن وچ ۾ خاص ڪري ٽيليڪام ۽ پاور ڪمپنين سان مشاورت کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته جيئن زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن لاءِ ڊيٽا جمع ڪرڻ ۽ اسڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ جي بنياد تي پائيدار ??نا??سنگ لاءِ قدم کڻي سگهجن. ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهي قدم نه صرف اهم آهن پر ان ذريعي ماليا??ي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن زور ڀريو ته اهي قدم جيڪي مختصر وقت ۾ اثر وِجهي سگهن ٿا، انهن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن انهن قدمن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري سگهجي ۽ ايندڙ سال جي شروعات تائين ان کي عملي طور شروع ڪري سگهجي.