اسلام آباد-07 نومبر (اي ??ي پي) سامونڊي م??املن واري وفاقي وزير قي??ر احمد شيخ چيو آهي ته سامونڊي م??املن واري وزارت هلندڙ سال 90 ارب روپيا منافعو ڪمايو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عالمي رينڪنگ 84 کان 61 ٿي آهي، هلندڙ مهيني نئين شپ??گ پاليسي آڻي رهيا آهيون، نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، اين ايس سي نوان جهاز خريد ڪندي، سامونڊي گدلاڻ واري ڪنٽرول بورڊ جي ڪارڪردگي پهرين کان تمام گهڻي بهتر آهي. ڪالهه سامونڊي م??املن واري وفاقي وزير قي??ر احمد شيخ اسلام آباد ۾ پريس ??ان??رنس کي خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم سنگل ونڊو جي قي??م سان پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي، ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ڊينمارڪ سان جلد 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا طئي ٿيندا، يو اي اي جي ڪمپني ابوظهبي پورٽس ايندڙ ٽن سالن ۾ 330 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي. عالمي ڪمپني هچيسن پورٽس هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ايڪوا ڪلچر شين جي ايڪسپورٽس تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جلد ئي ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ ۾ به سڌارا آڻي رهيا آهيون. قي??ر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ تي ڊريجنگ جو نظام بهتري طرف روان دوان آهي، عالمي بحري تنظيم جي قانونن موجب شپ ري سائيڪلنگ ڪري رهيا آهيون، پاڪستان پهريون ڀيرو عالمي بحري تنظيمن جي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جو حصو بڻيو آهي. انٽرنيشنل ميري ٽائيم ??ان??رنس ڪرائڻ هڪ وڏو بريڪ ٿرو هو، عالمي بحري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل پهريون ڀيرو پاڪستان آيو، گوادر پورٽ تي سيڪيورٽي جا بهترين انتطام آهن، پورٽس جي م??ئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع رپورٽ جوڙي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن آرڊيننس ۾ ترميمون آنديون جنهن سان ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي. ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ سمورين پورٽ اٿارٽيز جا مستقل چيئرمين لڳايا ويندا، آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پاڪستان کان فشريز ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن جلد نوان جهاز خريد ڪندو، نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو وڌا ٿي آهي.