اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پا??ر ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪن??ري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پا??ر ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ ل??ءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ ل??ءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪن??ري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ ل??ءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪن??ري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پا??ر ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ جي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.