اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس پاران 90 هزار پوائنٽس جي تاريخي حد پار ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مارچ 2024ع کا?? هيستائين 36 سيڪڙو اضافي، مهانگائي ?? گهٽتائي ?? مجموعي معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ معاشي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، بجلي صارفين جي ريليف جي لاءِ آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني شروع ٿي چڪي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معيشت جي ب??تري جي حوالي سان وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان مارچ 2024ع کا?? اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ترتيبوار اضافو سيڙپڪارن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي، 14 سالن کا??پوءِ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اهڙو تيز اضافو معاشي ٽيم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مارچ 2024ع کا?? هيستائين 36 سيڪڙو اضافو، مهانگائي ?? گهٽتائي ?? مجموعي معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ معاشي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کا?? 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي، گذريل ٽه ماهي ۾ ٻ??هر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليو ويندڙ پرڏيهي ناڻو رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر تي پهچي ويو. وزيراعظم چيو ته مسلسل ٻن مهينن کا?? ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ آهي، بجلي صارفين جي ريليف جي لاءِ آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني شروع ٿي چڪي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کا?? 7 ارب ڊالر جي لانگ ٽرم فيسلٽي معيشت ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي، پاڪستان کي ڊيفالٽ تائين پهچائيندڙن جا خواب ڀورڀور ٿي ويا، پنهنجي عوام سان وچن ڪيو هو ته لکين قربانين سان حاصل ڪيل هن ملڪ کي ڏوهاري غفلت ڪندڙن جي نااهلي جي نتيجن جي ور چڙهڻ نه ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان سياست جي قرباني ڏئي رياست بچائي، اڄ الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ هر محاذ تي ب??تري آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معيشت جي ب??تري جي حوالي سان وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.