اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج لاءِ وقت جي چونڊ مذمت جوڳي آهي، ان سان عالمي سطح تي پاڪستا?? جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جاري بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اهو قدم عالمي سطح تي پاڪستا?? جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ ملڪ جي پرڏيهي وزير کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ملڪي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي احتجاج جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ پاڪستا?? جي سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ ??اهي ٿي. اسان کي اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي سيا??ي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري اڳتي وڌڻو آهي.