نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن، پاڪستا?? جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين ۽ ملڪ ?? سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻ?? جي وچ ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستا?? جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستا?? جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنه?? جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حو??لي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي ٻنهي ملڪ?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي عوامي رابط?? جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور تي فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.