اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخانو چين ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان ??ابطي ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته چين مان ميت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپور??يش?? لاءِ ميت کي محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابوت ذريعي منتقل ??رڻ سميت ٻيا قدم کنيا ويندا، جنهن کان پوءِ ميت کي ملڪ موڪليو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي مداخلت تي انشورنس ڪمپني شاگردياڻي جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ۽ يونيورسٽي شاگردياڻي جي ميت جي منتقلي جي حوالي سان ??رچ برداشت ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي.