اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي پي ٽي وي کي م??افعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ اداري جي م??جوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز ڏني آهي. ڪميٽي تعليمي م??صدن جي لاءِ مخصوص چينل قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي م??جب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي وي بابت ايجنڊا ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي کي فيملي چينل جو تشخص برقرار رکڻ ۽ ان کي م??جوده رجحانن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چيو ته پي ٽي وي وٽ انساني وسيلن جي بي پناهه صلاحيت ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر موجود آهي جنهن کي ان جي اڳوڻي حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي هڪ تعليمي چينل جي تجويز پڻ ڏني ڇو ته ڪوويڊ 19 دوران پي ٽي وي جي ذريعي تعليم فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو هو. ڪميٽي پيمرا ۽ پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته اهي م??ڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ ر??تن جي ادائيگي تي پنهنجون ڪوششون جاري رکن. پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي مستقل سربراهن جي م??رري جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳوڻي اجلاس جي سفارشن تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ٻڌايو ته ٻنهي ادارن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پي بي سي جي مستقل ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي م??رري بورڊ جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻنهي ادارن جي بورڊز ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪ??ر پي ٽي وي ۾ موجوده انساني وسيلن، مالياتي صورتحال، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي ۽ پيداواري سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني. هن ٻڌايو ته سرڪاري نشرياتي اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي م??جوده حڪومت قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ نج?? شعبي مان اينڪرز جي شموليت، جديد اوزارن ۾ سيڙپڪاري، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کانسواءِ مواد جي جدت شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ چٽاڀيٽي اگهن تي اشتهارن جي لاءِ موجوده مالياتي حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ، بجيٽ ڪنٽرول قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشنل لاڳت ۾ گهٽتائي شامل آهي. هيومن ريسورس جي اصلاح جي حوالي سان مئنيجنگ ڊائريڪ??ر پي ٽي وي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي م??ازمن کي جديد نشرياتي ٽيڪنالاجي، مواد جي تخليق ۽ انتظام جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن جدت کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ باصلاحيت تخليقي نوجوان ٽيلينٽ کي سامهون آڻي سگهجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي م??مبرن پي ٽي وي کي پنهنجي ناظرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موجوده دور جي گهرجن موجب تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي وي جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ مخالف ڌر جي م??مبرن کي گهرائڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪميٽي م??مبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو هو. هن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري م??ڊيا ادارن جا وسيلا گڏ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. ڪميٽي سمورين پي ٽي وي اسٽيشنن تي عملي، انفراسٽرڪچر ۽ گاڏين جي تفصيل کانسواءِ نج?? شعبي مان ڀرتي ڪيل اينڪرز کي م??ندڙ پئڪيجز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ اداري جي مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي بابت جامع پريزنٽيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي م??مبرن محمد حنيف عباسي، ڪرن عمران ڊار، مهتاب اڪبر راشدي، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان، پيمرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.