اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي را??طن سان گڏوگڏ گڏيل ??لچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??زيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ تعاون جي ذريعي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم حڪومت جي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪ??و. ??زيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي را??طن سان گڏوگڏ گڏيل ??لچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻنهي م??ڪن جي لاڳاپن ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو ٻنهي م??ڪن جي بهتر لاڳاپن ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ڪنگ چارلس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر برطانوي حڪومت پاران پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.