اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??صف عل?? زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پ??ڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??صف عل?? زرداري لاهور ۾ ڪيپٽن م??مد علي قريشي شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن م??مد علي قريشي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صدر ??صف عل?? زرداري ڪيپٽن م??مد علي قريشي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. صدر ??صف عل?? زرداري ڪيپٽن م??مد علي قريشي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صدر چيو ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پ??ڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صدر ??صف عل?? زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر ??صف عل?? زرداري ڪيپٽن م??مد علي قريشي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.