اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ز??اع?? کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و ز??اع?? واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ز??اع?? کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزي??اع??م جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ ز??اع?? جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته ت??بيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي وزي??اع??م جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ز??اع?? جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، ز??اع?? ۾ روايتي طريقي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.