ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت سمورن عوامي نمائندن جو اعليٰ سطحي اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ شرڪت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران سردار يعقوب خان ناصر ۽ سردار عبدالرحمان کيتران، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ظهور احمد بليدي ۽ مينا بلوچ، نيشنل پارٽي پاران ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، رحمت صالح بلوچ ۽ مير ڪبير محمد، بلوچستان عوامي پارٽي پاران خالد حسين مگسي ۽ صادق سنجراڻي، عوامي نيشنل پارٽي پاران زمرڪ خان اچڪزئي ۽ مسٽر اصغر، جمعيت علماءِ اسلام پاران مولانا عبدالواسيع ۽ يونس زهري اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. سياسي پارٽين جي سربراهن بلوچستان جي عوامي مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اج??اس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو. اج??اس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اج??اس ۾ معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اج??اس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو.