اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? قومي ادارن ۾ سڌارن لاءِ ڏينهن ??ات محنت ڪري رهيو آهي، سندس اڳواڻي ۾ معيشت ٻيهر بحال ٿيندي. اسان پاڪستان کي دنيا ۾ معاشي طور تي باوقار ملڪ بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ضرت داتا گنج بخش جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وزير بلال ياسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اڳ ۾ به ناڻي وارو وزير رهيو آهيان، مون کي ڪيتريون ئي ذميواريون مليون آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته پاڪستان کي معاشي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. چيو پئي ويو ته ملڪ کي هن ڏکئي وقت مان ڪڍڻ ۾ 10 کان 15 سال لڳندا، جڏهن ??ه وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ صرف ساڍا ٽي سال لڳا. هن چ??و ته 2013ع ۾18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، هڪ ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا پيش ايندا هئا. معيشت تباه هئي؛ الله تعاليٰ ڪرم ڪيو ساڍن ٽن سالن ۾ سمورا مسئلا حل ٿيا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي. جهڙي ريت پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي؛ جلد ئي جي- 20 ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. هن چ??و ته محمد نواز ??ري?? جي اڳواڻي ۾ 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، جڏهن ??ه ان کانپوءِ ايندڙ چئن سالن ۾ پاڪستان معاشي لحاظ کان 47 هين نمبر تي اچي ويو، اهو ڪو ننڍو نقصان نه آهي، اڄ جيڪي مسئلا ملڪ ۾ آهن، انهن ??و سبب اهو ئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي سربراهي ۾ اسان جي ڪوشش آهي، ته معيشت بحال ٿئي ۽ اسان ٻيهر پاڪستانين لاءِ آسانيون پيدا ڪيون. هن چ??و ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ??ري?? پاران کنيل قدم تعريف جوڳا آهن، جن ۾ هن 40 ارب روپيا رکي ڪري پنجاب جي عوام کي بجلي يونٽس ۾ 14 روپين جو رليف ڏنو آهي، ان کان اڳ شهباز ??ري?? ڪابينا جي منظوري سان 200 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ 50 ارب روپين جي سبسڊي ڏني هئي. هن چ??و ته منهنجو ايمان آهي، ته هن ملڪ کي مسلمانن جي اڳواڻي ڪرڻي آهي، ملڪ کي اسان ايٽمي طاقت بڻايو ۽ هاڻي ملڪ کي معاشي قوت بڻائينداسين.