??سل??م آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي فائرنگ ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته م??صو?? ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه آهن انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انهن کي انجام تائين پهچايو ويندو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتياب?? لاءِ پ?? دعا ڪئي.