ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ??مال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمب??، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻ??ا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام ??ي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئي?? رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان عوام ??ي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ??اصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ??اصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئي?? رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عوام خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ??اصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.