اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مسجد نبوي جي ??مام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار لاڳاپن جو مظهر آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀائيچ??ري?? اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ??رورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موج?? اهڙو اظهار هن مسجد نبوي جي ??مام شيخ ڊاڪٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته مسجد نبوي جي ??مام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مسجد نبوي جو مسلمانن جي ??لين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسا?? جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مسجد نبوي جي ??مام شيخ صالح بن محمد البدير چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمانوازي تي پاڪستان جي ??وام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالم اسلام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائيدار ام?? جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر جي ??رخواست تي مسجد نبوي جي ??مام پاڪستان جي ??رقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.