اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آء?? ٽي روانگي واپار وڌندو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادار?? جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هواوي پاڪستا?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن س?? جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چي?? جي تازي دوري ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جو دورو انتهائي لاڀائتو رهيو، هواوي سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حصيداري سڀ کان اهم آهي، هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آء?? ٽي روانگي واپار وڌندو. هن چيو ته حڪومت نه رڳو عورتن پر بلوچستا?? جي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي ان تربيتي پروگرام جو حصو بڻائيندي، حڪومت هواوي سان پاڪستا?? جي ڊيجيٽل اڪانومي ۾ پائيدار حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ باصلاحيت افرادي قوت جو مضبوط بنياد قائم ڪرڻ سان ئي ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادار?? جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان 7 هواوي جي وچ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام جي لاءِ تعاو?? جي معاهدي تحت جاري منصوب?? جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آء?? ٽي جي تربيت جي لاءِ جديد طرز جو ميسيو اوپن آن لائين ڪورسز سسٽم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي صوبائي حڪومت?? جي تعاون س??ن لاڳو ڪيو ويندو. وفد پاڪستا?? جي قومي ڪلائوڊ اسٽريٽجي سان هم آهنگي نيشنل ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ جي لاءِ تعاو?? جي آڇ ڪندي آگاهه ڪيو ته نيشنل ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ سان بهتر ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي يقيني ٿي ويندي ۽ وڏو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وفد ٻڌايو ته اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ هواوي پاڪستا?? جي حڪومت سان حصيداري جي خواهشمند آهي، اسلام آباد سمارٽ سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ، صحت ۽ تعليم جي خدمتن کان وٺي پارڪنگ وغيره جهڙيون ٻيون سهولتون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي ميسر هونديون. ملاقات ۾ آء?? ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پ?? موجود هئا.