لاهور – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کا?? مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اڃا تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، ان معاملي تي اتحادين سان مشاورت ڪنداسين جنهن کا??پوءِ فيصلو قانون ۽ آئين موجب ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ داتا دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳاله??ئي??دي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاران دل جي گهر??ئي?? سان داتار دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي اسحاق ڊار کي داتا دربار جي ڪجهه تعميرات ۽ بلال گنج پاران ڪئي ويندڙ توسيع جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏني. اسحاق ڊار نيسپاڪ کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي داتا دربار توسيع منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃ??. ه?? چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ان پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت مهانگائي ناهي آندي، پاڪستان کي ان وقت ياد ڪريو جڏهن محمد نواز شريف کي ڪڍي ملڪ جي حالت خراب ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته جيڪي اڳ ۾ اقتدار ۾ آيا اهي ملڪ کي 6 کا?? 7 مهينن ۾ ڊيفالٽ ڪري هليا ويا. اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ملڪي معيشت 24 هين کا?? 47 هين نمبر تي پهچي وئ??. ه?? چيو ته (ن) ليگ کي حڪومت جو شوق نه هو جيڪڏهن اقتدار ۾ نه اچون ها ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي ها، اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ جي خلاف اليڪشن ڪميشن وٽ فارن فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اسان باني پي ٽي آءِ وانگر صبح شام ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي نيب کي نه ٿا گهرايون، اسان کي ملڪي سلامتي سڀ کا?? وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي جڏهن ته قومي سالامتي جي خلاف ڪا ڳالهه نه ٻڌنداسين. اسحاق ڊار چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرج??. ه?? چيو ته داتا صاحب جي دعائن سان پاڪستان جو ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، پاڪستان معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کا?? ٻيهر ترقي ڪندو جڏهن ته ملڪ کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق ۽ بلال ياسين سميت اوقاف کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.