آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) شنگهائي تع??ون تنظيم معيشت ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ماحوليات جي تحفظ بابت معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازقستان ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) اهم علائقائي ۽ عالمي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪائونسل تع??ون جي مختلف شعبن ۾ اٽڪل 20 فيصلن جي منظوري ڏني. آستانه پڌرنامي کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ سي ايڇ ايس ٽن بيانن کي اختيار ڪيو جن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي، ويسٽ مئنيجمينٽ جو موثر انتظام ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جا اصول شامل آهن. ڪائونسل اقتصادي معاهدي تي ايس سي او جي لاڳاپيل وزيرن پڻ صحيحون ڪيون. سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس دوران پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي هم آهنگي جي ڪردار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پراڻي تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم غزه جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگ??اف??ائي بيهڪ کي ايس سي او جي پوري خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپ??ري ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئرمين جي طور پاڪستان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تع??ون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ج??ري رکندو.