اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت ان??اف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ??اڻ?? ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي ان??اف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ??ءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وفاقي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.