اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعما?? ۾ ??ڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي لاء?? قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انسانيت جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ت??هان کي ڀليڪار چوان ٿو، رياض ۾ سربراهه اجلاس جي موقعي تي توهان سان ??لا??ات دوران مفيد ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ بهتر صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه ۾ توهان جي خدمتن مان پاڪستان فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل سال پوليو جي خاتمي جي لاءِ مالي معاونت ۾ 30 سيڪڙو حصو بل گيٽس فائونڊيشن جو آهي، ملڪ ۾ صحت ۽ سماجي شعبي ۾ توهان جي خدمتن مان پاڪستان فائدو کڻي رهيو آهي، اسان کي پوليو جي خاتمي جي لاءِ فوري عمل ڪرڻو پوندو، سرحدي اچ وڃ سان پاڪستان ۾ پوليو آيو، اسان کي ان مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ گذريل ٽن سالن ۾ مالي مدد ۾ اضافو ٿيو، سعودي عرب ايندڙ 5 سالن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي خاطري ڪرائي آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعما?? ۾ ??ڻيندي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ پوليو جي خاتمي جون 6 مهم هلايون ويون، پنهنجي ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻو آهي، پوليو جي اتمي جي لاءِ لاڳيتو اجلاس ڪندس. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن جي عم?? ۾ ??عاون ت?? توهان جا ٿورائتا آهيون. بل گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان پوليو جي خاتمي ۽ صحت جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ ??ي لاءِ تيار آهيون، ايندڙ 6 مهينن ۾ گڏجي پوري طاقت سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ ڊيجيٽائيزيشن منصوبو اسان جي ترجيح آهي. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.