اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ?? ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن کي گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سي??پڪ??ري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قطر پرڏيهي مملڪتي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي وزيراعطم چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ?? ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي گ??يل طور تي فائديمند ۽ مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سي??پڪ??ري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته قطر پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن ۾ پنهنجي سي??پڪ??ري جي پورٽ فوليو کي وڌائي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قطري مملڪتي وزير پنهنجي استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس قطر جي قيادت جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ قطر ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. قطر جو مملڪتي پرڏيهي وزير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي ايلچي جي طور تي پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.