اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي ????ءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي ????ءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي ??ڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي ??ارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي ????ءِ پڻ دعا ڪ??ي.