اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير محمد اسحاق ڊار کي اردن جي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيه?? وزير ايمن صفادي ٽيليفون ڪري پرڏيه?? وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيه?? وزير محمد اسحاق ڊار اردن جي پرڏيه?? وزير سان ??ال??ائيندي چيو ته پاڪستاني عوام شاهي خاندان ۽ اردن جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنه?? وزيرن فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانساني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي ۾ بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.