اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي س??ڪي??رٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف عل?? زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ س??ڪي??رٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صفايو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ ساراهيو. صدر آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي نعمان ف??يد کي پڻ خ??اج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.