اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين سينيٽ ۽ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي ميمبرن نگران حڪومت ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وزير جا سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪردار تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ اجلاسن کي بهتر طريقي سان هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??، هن سينيٽ ميمبرن جي سوالن کي غور سان ٻڌو ۽ انهن جا تفصيلي جواب ڏنا جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اطلاعات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جي بن??اد?? ذميواري ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هُئي، ان مقصد جي لاءِ سمورين سياسي ??ار??ين ۽ ادارن جو تعاون گهربل ه??. ه?? چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي ??ار??ين سان هڪ جهڙا لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن به ??ار??ي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ڪيو وي??. ه?? نگران حڪومت کي هر ممڪن تعاون جي فراهمي تي سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ ميمبرن جا ٿورا مڃيا.