اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سمورن ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عام ??ون??ن 2024ع بابت معاملن کي ڪوريج دوران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري ٿيل ضابطه اخلاق ۽ پيمرا قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين. ضابطه اخلاق تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل قانونن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ??ين??ي. پيمرا طرفان سمورن لائسنس يافته سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز، ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز کي جاري خط موجب سمورا ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو اسٽيشنز قومي خبرن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ض??بطه اخلاق جا پابند آهن. ضابطه اخلاق موجب ??ون?? مهم دوران پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي نشر ٿيندڙ مواد، نظريه پاڪستان، خودمختياري، وقار يا سلامتي، امن امان يا پاڪستان جي عدليه جي سالميت ۽ آزادي ۽ ٻين قومي ادارن خلاف ڪنهن به راءِ جي عڪاسي نه ڪندو. اهڙا الزام ۽ بيان جيڪي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا يا ??ون?? شيڊول جاري ٿيڻ کان وٺي اميدوار جي نوٽيفڪيشن تائين امن امان جي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، انهن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار ۽ چئنل کي آپريٽ ڪندڙ سرڪاري اڪائونٽ ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ اڪائونٽ تان شايع يا نشر ڪرڻ جي سختي سان پاسو ڪيو ??ين??و. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود مواد ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار، ڊجيٽل ميڊيا تي آفيشل اڪائونٽس هلائيندڙ چينل ۽ سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ ڪنهن به رخ کي شامل ڪيو ??ين??و جهڙوڪ جنس، مذهب، فرقو، ذات، برداري وغيره جي بنياد تي اميدوارن يا سياسي پارٽين جي ذاتي حملي طور ت?? سمجهي سگهجي ٿو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ??ين??ي، جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن ٻي اميدوار ت?? الزام لڳائي ٿو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو ٻنهي ڌرين کي هڪجهڙو موقعو فراهم ڪندي ٻنهي ڌرين سان راءِ ۽ تصديق طلب ڪري.