ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظ??ار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ ا??لي?? ت??لي?? ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظ??ار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ا??لي?? سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ ا??لي?? ت??لي?? ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.