اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسرت عالم بٽ جي قيادت ۾ مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنج سالن جي لاءِ پ??بن??ي هڻڻ جي ??ار??ي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشميري اڳواڻن تي پاب??دي??ن هڻڻ ??ار?? پاران عالمي اصولن جي توهين آهي. ممتاز زهره بلوچ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جي مذمت ڪندي چيو ته ??ار??ي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين ۽ ڪشميري اڳواڻن تي پاب??دي??ن لڳائي رکيون آهن. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ايندڙ سال ??ار?? سان لاڳاپن جي بحالي جا ڪي امڪان آهن، ترجمان چيو ته ??ار?? کي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ??ار?? سان ڳالهه ٻولهه رڳو برابري، احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ترجيحي مسئلي طور تي بحث هيٺ آڻڻ جي بنياد تي ٿي سگهي ٿي. نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جلد هڪ آزاد واپاري معاهدو ڪندا جيڪو جي سي سي پاران ڪنهن به ملڪ سان اهڙي قسم جو پهريون معاهدو هوندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جلد معاهدي تي صحيحون ڪيون وي??دي??ن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ??ار?? پاڪستان کان لشڪر طيبه جي باني حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اها قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۾ ڪجهه غيرملڪي مشنز پاران بلوچ مظاهرين جي حوالي سان تبصرن کي مداخلت قرار ڏنو ۽ ان تي افسوس جو اظ??ار ڪندي چيو ته ملڪ پنهنجي اندروني معاملن کي سنڀالڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي اظ??ار راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهڙن معاملن کي اندروني طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ قانون موجود آهن. ترجمان جو اهو بيان ناروي جي سفارتخاني ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير جي تازي ٽوئيٽس تي هڪ سوال جي جواب ۾ آيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين سان مبينا اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ غيرملڪي سفارتخانن جي مداخلت افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون عدالتون خودمختيار آهن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان فيصلا ڪري چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾ پرڏيهي وزارت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن جو ساليانو جائزو پڻ پيش ڪيو.