اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ ??ي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن طرف معاشرتي روين ?? تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي وف?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وف?? ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي، سماجي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وف?? صدر کي معذور ماڻهن جي مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ ??ي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ بازارن ۽ عوامي جاين تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ وڌائڻ ??ي لاءِ قدمن تي ??ور ڏيندي چيو ته انهن جي علم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ ??ي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ماڻهن طرف معاشرتي روين ?? تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي معاشي خودمختياري ??ي لاءِ انهن کي هنر ۽ قرضن جي فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.