دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمهوريه ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪاجا ڪالس خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪ??ي آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي موقعي تي جمهوريه ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪاجا ڪالس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ??طرفن لاڳاپ?? جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڪاجا ڪالس ٻنهي طرف?? جي وچ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي خاتمي جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ا?? جي آجيان ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪ??ي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايسٽونيا سان گڏيل تعاون تي ٻڌل رابطن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي خوا??ش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ممڪن تعاو?? جي شعبن بشمول تعليمي ادار?? جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي فعال ٿيڻ کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي جي موذي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ ٺوس قدم?? جي ضرورت تي زور ڏنو. ايسٽونيا جي وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي ڳڻتي جو مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ماحولياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات پاڪستان پويلين ۾ ٿي. ان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ٻين مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن تي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو.